عبدالڪريم لوڌي

عبدالڪريم لوڌي: مشهور ڪامورو، عبدالڪريم لوڌي 1936ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏن جو تعلق متحده هندستان جي رياست حيدرآباد دکن سان هو، جيڪي 19هين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ ۾ لڏي اچي رهيا. عبدالڪريم لوڌيءَ ڪراچي جي سينٽ پئٽرڪس اسڪول ۾ تعليم پرائي، جتي جي. ايم. سيد جو وڏو فرزند سيد امير حيدر شاهه به هن جو هم ڪلاسي رهيو. پاڻ سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري پوليس گروپ ۾ شامل ٿيو. شروعات ۾ هن خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سياسي ايجنٽ، بعد ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو طور خدمتون سرانجام ڏنيون. انگريزي لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي مڪمل دسترس هيس. 1960ع ڌاري هو حيدرآباد ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. ان وقت مهاجر پنجابي متحده محاذ پنهنجي تنگ نظر ۽ تعصبي حرڪتن ڪري امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ لاءِ انتظاميه تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان وقت عبدالڪريم لوڌي مسئلي کي وڏي تدبر ۽ معاملا فهميءَ سان حل ڪرايو ۽ حيدرآباد ضلعي کي وڏي گڙٻڙ کان بچايو.
عبدالڪريم لوڌي بيباڪ، فرض شناس ۽ هڪ سچو آفيسر هو. کيس هڪ موقعي تي عهدي کان پاسيرو به ڪيو ويو، پر هو پنهنجي مزاج مطابق سياست کان پري، سير سفر ۽ مطالعي ۾ زندگي بسر ڪندو رهيو. هي سنڌ جو فوڊ ۽ ايگريڪلچر سيڪريٽري به رهيو. جنرل مشرف جي ڪاري دور ۾ عبدالڪريم لوڌيءَ قومي مالياتي ڪميشن ۾ سنڌ جي ڀرپور نمائندگي ڪئي ۽ هن سنڌ جي سهڪاري نمائندي جي حيثيت ۾ ان وقت قومي مالياتي ڪميشن تان اختلافي نوٽ هڻي استعيفا ڏني. سندس اختلاف جو هيءُ سبب هو ته مالياتي ڪميشن ۾ سنڌ جي ان موقف کي تسليم نه پئي ڪيو ويو ته سنڌ کي آمدنيءَ جي بنيادن تي مالي وسيلا ڏنا وڃن، پر، جنرل پرويز مشرف پنهنجي طرفان زوريءَ ’عبوري‘ قومي مالياتي اوارڊ صوبن مٿان مڙهي ڇڏيو. اڳتي هلي ارڙهين ترميم بعد ان ۾ اصلاح ٿي. عبدالڪريم لوڌي 3 سال صوبائي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمين رهيو، جتي نااهل آفيسرن کي به فرض شناسيءَ تي مجبور ڪيائين. پاڻ ايمانداريءَ ۽ خودداري سان وقت گذاريائين. سندس وفات آڪٽوبر 2011ع ۾ ٿي.


لفظ عبدالڪريم لوڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو